بيجنگ- 03 اپريل (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو آمريڪا جي جوابي ٽيرف جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو ۽ پنهنجي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ سخت جوابي قدم کڻندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه چيني واپار واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن چئي. هن چيو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٽيرف ۾ اضافو آمريڪا جا پنهنجا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي، اهو آمريڪي مفادن کي نقصان ۽ عالمي اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ صنعتي ۽ سپلائي چين جي استحڪام کي به خطري ۾ وجهي ٿو. ترجمان چيو ته واپاري جنگ ۾ ڪو به فاتح ناهي هوندو. هن چيو ته چين آمريڪا تي زور ڀري ٿو ته هو پنهنجي هڪ طرفه ٽيرف قدمن کي فوري طور تي رد ڪري ۽ پنهنجي واپاري حصيدارن سان برابري جي بنياد تي ڳالهين ذريعي اختلافن کي مناسب طريقي سان حل ڪري.