نئين دھلي – 03 اپريل (اي پي پي) ڀارتي ائير فورس جو ھڪ جنگي جھاز گذريل ڏينھن رات جو گجرات ۾ جام نگر آءِ اي ايف اسٽيشن ويجھو ھڪ ڳوٺ ۾ ڪري تباھه ٿي ويو. جھاز ھڪ تربيتي مشن تي ھو. ھڪ پائلٽ حفاظت سان ٻاھر نڪري ويو جڏھن ته ٻيو اڃا تائين لاپته ٻڌايو پيو وڃي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ضلعي جي ايس پي ٻڌايو ته جنگي جھاز جام نگر شھر کان اٽڪل 12 ڪلو ميٽر پري سوواردا ڳوٺ ۾ ھڪ کليل ميدان ۾ ڪري تباھه ٿيو ۽ ان ۾ باھه لڳي وئي. فوري طور تي حادثي جو سبب معلوم نه ٿي سگھيو آھي. ھن چيو ته ھڪ پائلٽ حادثي کان اڳ حفاظت سان ٻاھر نڪري ويو، ٻيو اڃا تائين لاپته آھي. ڪريش لينڊنگ بعد جھاز ۾ باھه لڳي وئي. گم ٿيل پائلٽ جي ڳولا جاري آھي.