برسلز-07 مارچ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته هو ايندڙ سومر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين جي صدر اها ڳالهه برسلز ۾ يورپي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. يوڪرين جي صدر پنهنجي فرانس جي هم منصب ايما نوئل ميڪرون سان ملاقات بعد چيو ته سندس ويزن اهو آهي ته حقيقي امن آمريڪا جي سهڪار سان ئي ممڪن آهي. ولاديمير زيلنسڪي واضع ڪيو ته يوڪرين جو وفد سعودي جي گادي واري شهر رياض ۾ ئي رهندو ته جيئن آمريڪي شراڪت دارن سان گڏجي ڪم ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس ملڪ امن جو خواهشمند آهي.