سيئول – 07 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ 02 ڪي ايف-16 ويڙهاڪ جھازن جي غلطي سبب شھري علائقن تي ٿيل بمباري سبب فوت ٿيل شھرين ۽ فوجين جو انگ 29 ٿي ويو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق دفاع واري وزارت مطابق گذريل ڏينھن ٻڌايو ويو هو ته 2 ڪي ايف-16 ويڙهاڪ جھازن گذريل ڏينھن ھڪ فوجي مشق دوران سيئول کان اٽڪل 40 ڪلو ميٽر اتر ۾ قائم پوچيون شھر ۾ ھڪ لائيو فائر رينج ٻاهران غلطي سان فضا کان زمين تي مار ڪندڙ 8 بم ڪيرايا جنھن سبب ھڪ گرجاگهر، ڪجهه رهائشي عمارتون ۽ گاڏيون تباھه ٿي ويون آھن. بمباري سبب ھيستائين 15 شھري ۽ 14 فوجي فوت ٿي ويا آھن.