گڏيل قومون-07 مارچ (اي پي پي) پاڪستان، يمن ۾ سياسي ڳالهين جي بحالي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ يمن جي درپيش گهڻ رخي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فيصلائتن قدمن جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل ڏينهن يمن جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته عالمي برادري کي ان بحران کي وڌيڪ بگڙجڻ کان روڪڻ ۽ يمن ۾ استحڪام ۽ اميد جي مستقبل جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ فوري طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. منير اڪرم چيو ته ان سلسلي ۾ علائقائي قدم خاص طور تي سعودي عرب ۽ عمان جي قيادت ۾ انهن ڳالهين کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم آهن. هن يمن ۾ انساني صورتحال کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو ته جڏهن اسان رمضان المبار جو ڀلارو مهينو ملهائي رهيا آهيون ته يمن ۾ لکين ماڻهو ڏکيائين جو شڪار آهن. هن چيو ته هن وقت 19.5 ملين ماڻهن کي فوري انساني امداد جي ضرورت آهي جن ۾ 17.1 ملين ماڻهو شديد غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. 4.5 ملين ماڻهو اندروني طور بي گهر آهن ۽ 12 ملين ٻار خوراڪ، پاڻي ،رهائش ۽ صحت جهڙين بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. هن يمن ۾ انساني بنيادن تي آپريشن لاءِ فنڊن جي ڪٽوتي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ عالمي برادري خاص طور تي ڊونر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي يمن لاءِ امداد وارن منصوبن ۾ پنهنجو سهڪار وڌائين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان واپاري جهازن تي حُوثين جي حملن جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته غزه ۾ مستقل جنگبندي نه رڳو اسرائيل سان گڏوگڏ فلسطين ۾ امن جو سبب بڻجندي پر يمن سميت علائقائي استحڪام ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. پاڪستاني نمائندي حوثي باغين پاران گڏيل قومن جي اهلڪارن،عالمي ۽ قومي اين جي اوز جي عملي ۽ سفارتي مشن جي ميمبرن کي يرغمال ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو ته انهن جي حفاظت ۽ سلامتي جي ضمانت هجڻ گهرجي. منير اڪرم حراست هيٺ سمورن ماڻهن جي فوري ۽ غير مشروط آزادي جو پڻ مطالبو ڪيو. آخر ۾ پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته پاڪستان يمن جي قيادت ۽ يمن جي ملڪيت واري سياسي عمل جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو جنهن کي گڏيل قومن سهولت فراهم ڪئي آهي.