اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته زراعت، صنفي ترقي ۽ واپار جو فروغ حڪومت جو هدف آهي، ايندڙ خميس کان شعبه جاتي جائزه اجلاس باقاعدگي سان ٿيندو، آبادگارن جي محنت ۽ ويليو ايڊيشن جي ڪري چانور جي برآمدات چار ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي، ميڪرو اقتصادي انگ اکر لاڳيتو بهتر ٿي رهيا آهن، حڪومت ۾ جتي جنهن جي به غلطي هوندي ان کي جوابده بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليوارين ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ گوهر اعجاز، سيد ياور علي، عاطف شيخ، فواد مختار، شاهد حسين، ايس ايم تنوير، ميان احسن، سليم غوري، شهزاد ملڪ، عثمان ملڪ، عاطف انعام ۽ شهزاد اصغر شريڪ هئا. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، حنيف عباسي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي، خوشحالي، پيداوار ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ ۾ ڪاروباري برادري جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، مخلص ۽ ديانتدار ڪاروباري برادري اسان جو قيمتي اثاثو آهي، توهان مشڪل وقت ۾ ملڪي صنعتي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پنهنجو سرمايو ملڪ ۾ لڳايو آهي، توهان جي ڪوششن جي ڪري ملڪي معيشت جو ڦيٿو هليو، ماڻهن کي روزگار مليو، توهان جي مشاورت ۽ ڪارائتي راءِ سان ملڪي معيشت جي بهتري ۽ سمورن شعبن ۾ سڌارن جو سفر جاري رکنداسين، ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتن جو مقصد معيشت جي بهتري لاءِ انهن جي راءِ وٺڻ آهي. هن چيو ته الحمدالله ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، وياج جي شرح ۽ مهانگائي جي شرح ۾ خاطرخواهه گهٽتائي اچي چڪي آهي، حڪومت ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي، سيڙپڪاري جو سفر مقامي سيڙپڪارن سان شروع ٿئي ٿو. هن چيو ته ميڪرو اقتصادي انگ اکر لاڳيتو بهتر ٿي رها آهن، هاڻي اسان کي روزگار، پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻو آهي، زرعي ۽ صنعتي ترقي، واپار جي بهتري اسان جو هدف آهي، ڪاروباري برادري ۽ صنعتڪارن جي مسئلن جو حل حڪومت جي ترجيح آهي، ڪاروباري حالتن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن ۽ سازگار ماحول جي فروغ جي لاءِ حڪومت ڀرپور تعاون ڪندي ته جيئن ملڪ جا ناليوارا صنعتڪار ملڪ ۾ پاڻ به سيڙپڪاري ڪن ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي به ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي سازگار ماحول بابت آگاهه ڪن ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ اضافي ۾ مدد ڪن، جيڪڏهن ملڪي سيڙپڪار سرمايو لڳائيندا ته ٻاهرئين ملڪ به مان سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪاروباري شعبي سان حصيداري جي خواهشمند آهي ته جيئن معيشت جو ڦيٿو تيزي سان هلي، ان سلسلي ۾ ڪاروباري برادري جي مشاورت سان قدم کنيا ويندا، ٻاهرئين ملڪ مقرر ٽريڊ آفيسرز کي واپار ۽ روانگي واپار جي فروغ جي حوالي سان واضح هدف ڏنا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته پلانٽ پروٽيڪشن جو کاتو تباهي جو کاتو بڻجي چڪو هو، آبادگارن جي محنت ۽ ويليو ايڊيشن جي ڪري چانور جي برآمدات چار ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي، انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ان جي لاءِ گريڊنگ ۽ سرٽيفڪيشن جي ضرورت هوندي آهي، چين 2005ع ۾ چانور جي گريڊنگ جي لاءِ پاڪستان کي ڪراچي ۾ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ ڏني پر ان جو ڪهڙو حال ٿيو، بدقسمتي سان اسان ان گرانٽ مان ڪو فائدو نه کنيو ۽ نئين مشينري برباد ٿي وئي، ان کي هڻڻ نه ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته ايندڙ خميس کان هر شعبي جو جائزه اجلاس منهنجي آفيس ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وزير، سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل شعبا جا چار ماڻهو پڻ شرڪت ڪندا، شعبه جاتي جائزه اجلاس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ٿيندو، ايندڙ خميس تي ٿيندڙ پهرين اجلاس ۾ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، حڪومت ۾ جتي جنهن جي به غلطي هوندي ان کي جوابده بڻايو ويندو. ڪاروباري برادري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن ملڪ ۾ زراعت جي ترقي جي لاءِ معياري ٻج جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان نيشنل سيڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ تي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن حڪومت جي گرين پاڪستان انيشي ايٽو کي پڻ ساراهيو. شرڪت ڪندڙن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي ڪري ملڪي آءِ ٽي جي صنعت دنيا ۾ تيزي سان پنهنجو مقام ٺاهي رهي آهي. شرڪت ڪندڙن مختلف شعبن جي حوالي سان تجويزون پڻ پيش ڪيون. وزيراعظم سمورين لاڳاپيل وزارتن کي ڪاروباري شعبن جي نمائندن ۽ ڌرين سان ملاقات ڪري انهن سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي.