اسلام آباد-07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم رمضان پيڪيج کي شفاف طريقي سان لاڳو ڪرڻ ۽ مؤثر مانيٽرنگ لاءِ نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) ۾ خصوصي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه اين ٽي سي جي ڪنٽرول روم جو دؤرو ڪيو ۽ رمضان پيڪيج جي مانيٽرنگ نظام جو جائزو ورتو. شزه فاطمه خواجه کي ڪنٽرول روم ۾ رمضان پيڪيج جي ڊجيٽل مانيٽرنگ لاءِ تيار ڪيل پورٽل جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. مملڪتي وزير کي اجلاس ۾ رمضان پيڪيج تحت فراهم ڪيل سبسڊي، مانيٽرنگ، مڪينزم ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. کيس رمضان پيڪيج تحت قائم ڪيل ڪال سينٽر جي ڪارڪردگي اسڪرين تي مانيٽرنگ ذريعي ڏيکاري وئي. عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪيل ڪوششن تي به بريفنگ ڏني وئي. شزه فاطمه خواجه هدايت ڪئي ته رمضان پيڪيج جي مانيٽرنگ لاءِ تيار ڪيل پورٽل کي وڌيڪ مؤثر ۽ صارف دوست بنايو وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي ٿي سگهي.