اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت مختلف قدمن ۽ منصوبن جي وقت سر لاڳو ۽ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن قومي عوامي ڪانگريس ۽ چيني عوامي سياسي مشاورتي ڪانفرنس جي ”ٻن اجلاسن“ جي ڪامياب انعقاد تي چيني قيادت ۽ قوم کي مبارڪباد پڻ ڏني. پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي مثبت رفتار جنهن جو مظهر صدر آصف علي زرداري جو چين جو تازو دورو آهي، تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم سمورن بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي پراڻي ۽ مسلسل حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. هن چين جي قومي دلچسپي جي معاملن تي پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام پاڪ چين ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ان کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري تعاون تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم خوشي جو اظهار ڪيو ته هن سال صدر شي جن پنگ جي 2015ع ۾ پاڪستان جي تاريخي دوري جي ڏهين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ان يادگار موقعي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪئي. هن صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي انتهائي پرخلوص دعوت جي پڻ تجديد ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت مختلف قدمن ۽ منصوبن جي وقت سر لاڳو ۽ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. چيني سفير چيني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم کي پاڪ چين ٻطرفي تعاون جي تازه ترين اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ملڪ ۾ ميڪرو اڪنامڪ صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ حڪومت جي ڪاميابين کي ساراهيندي چيني سفير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين پاڪستان جي قومي ترقي جي ڪوششن ۾ پنهنجي مڪمل حمايت ۽ تعاون جاري رکندو.