ملتان-26 ڊسمبر (اي پي پي) ملتان اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 17 کان 29 جنوري تي ٿيندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد علي بخاري جي صدارت ۾ پي سي بي ۽ ضلعي انتظاميه جو اجلاس ٿيو. ڊپٽي ڪمشنر محمد علي بخاري اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميه مهمان ٽيمن جي ڀرپور ميزباني ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته اسٽيڊيم ۽ روٽس کي سينگاري ٻنهي ٽيمن لاءِ مثالي سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سمورن ضلعي کاتن کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پي سي بي عملدارن کي ٽيسٽ سيريز لاءِ هر قسم جي مدد فرام ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل محمد يوسف ۽ ايس ايس پي آپريشنز ڪامران خان به شرڪت ڪئي.