ڪراچي-26 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ريڊ لائين منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو، انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽس ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بس ڊپوز ۽ ٽرمينلز جي تعمير ۾ اڳڀرائي، يوٽيلٽيز جي منتقلي جهڙن مسئلن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو ڪم ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني.اجلاس جي موقعي تي عالمي ڪنسلٽنٽس تعميراتي ڪم دوران عالمي معيارن تي عمل يقيني بڻائڻ ۽ درپيش للڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون ٽيڪنيڪل سفارشون پيش ڪيون. اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي ڪراچي شهر جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ منصوبي جي ٽائيم لائن کي پورو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.هن چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبو ڪراچي جي مسافرن لاءِ گيم چينجر آهي، اسان ان ۾ وڌيڪ دير نٿا ڪري سگهون.اجلاس دوران سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي سروس فراهم ڪندڙ ادارن سان ويجھا رابطا رکڻ جون ھدايتون ڏنيون ۽ چيو تھ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي يوٽيلٽي جي منتقلي ۽ اڏاوتي ڪم ۾ تيزي جهڙن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻ گھرجن. هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي جي شهرين کي جديد، ڪارائتو ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽيشن سسٽم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ريڊ لائين بي آر ٽي روزانو هزارين مسافرن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جي کوٽ کي گهٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.