پرٿ- 10 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي وومين ٽيمن ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 11 ڊسمبر تي ڊبليو اي سي اي گرائونڊ پرٿ ۾ کيڏي ويندي. ميزبان آسٽريلوي وومين ٽيمن کي ڀارتي وومين ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلاتي سرسري حاصل آهي. آسٽريليا وومين پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي وومين ٽيم کي 5 وڪيٽن تان هارايو هو، جڏهن ته ٻين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان وومين ٽيم مهمان ڀارتي وومين ٽيم کي آساني سان 122 رنسن تان هارايو هو. ڀارتي وومين ٽيم آسٽريليا جي دوري تي آهي جتي هو ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي ۽ ان جون ٻه ميچون کيڏيون ويون آهن.