ڪينيڊين- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سريلنڪا ڪرڪيٽ (ايس سي) جي انتظام هيٺ لنڪا ٽي 10 سپر ليگ 2024 جو افتتاحي ايڊيشن 11 ڊسمبر کان ڪينيڊيا ۾ شروع ٿيندو. پهرين ميچ جافنا ٽائٽنز ۽ همبنٽوٽا بنگله ٽائيگرز وچ ۾ کيڏي ويندي. ٽورنامنٽ ۾ 6 ٽيمون ٽائٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ آمهون سامهون ٿينديون. لنڪا ٽي 10 سپر ليگ 2024ع ۾ شامل ٽيمن ۾ جافنا ٽائٽنرز، همبنٽوٽا بنگله ٽائيگرز، مارولز رائونڊ رابن فار ميٽ ۾ هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿينديون. ڪواليفائر ۽ ايليمنيٽر ميچون 18 ڊسمبر 2024 تي کيڏيون وينديون. ڪواليفائر 1 ۾ ٽيم 1 جو مقابلو ٽيم 2 سان ٿيندو، ايليمنيٽر ميچ ۾ ٽيم 3 جو مقابلو ٽيم 4 سان ٿيندو جڏهن ته ڪواليفائر 1 جي رنر اپ ٽيم ايليمنٽر جي فاتح ٽيم سان مقابلو ڪندي. فائنل ڪواليفاءِ 1 جي ڪامياب ۽ ڪواليفاءِ 2 جي ڪامياب وچ ۾ 19 ڊسمبر 2024 تي کيڏيو ويندو.