پرٿ- 09 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي وومين ٽيمن ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 11 ڊسمبر تي ڊبليو اي گرائونڊ پرٿ ۾ کيڏي ويندي. ميزبان آسٽريلوي وومين ٽيم کي ڀارتي وومين ٽيم خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي. آسٽريلوي ويمن پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان هارايو هو، جڏهن ته ٻين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان وومين مهمان ڀارتي وومين ٽيم کي آساني 122 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ڀارتي وومين ٽيم آسٽريليا جي دوري تي موجود آهي جتي هو ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي، جنهن جون ٻه ميچون کيڏيون ويون آهن. ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي هرمن پريت ڪور ڪري رهي آهي، جڏهن ته آسٽريليا جي وومين ٽيم ٿليا ميڪ گراٿ جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز آءِ سي سي چيمپئين شپ جو حصو آهي.