ويلنگٽن- 09 ڊسمبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٽين۽ آخري ميچ 14 ڊسمبر کان 18 ڊسمبر تائين سڊن پارڪ، هملٽن ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم کي ميزبان نيوزيلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلاتي برتري حاصل آهي. انگلينڊ جي ٽيم، ڪيوي ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان هارايو هو. ان کان اڳ نيوزيلينڊ اليون ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ڏينهن جي وارم اپ ميچ بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي هئي. انگلينڊ جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي نيوزيلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ 14 کان 18 ڊسمبر تائين ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي بهترين بيٽسمين ٽام ليٿم ڪندو، جڏهن ته مهمان انگلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي بهترين آل رائونڊر بين اسٽوڪس ڪندو.