ملتان -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو آهي، پاڪستان جي ٽيم پوري ورلڊڪپ ۾ ناقابل شڪست رهي، فائينل ميچ ۾ پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني. پاڪستان طرفان ڪپتان نثار علي 72 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. گذريل ڏينهن ملتان ۾ کيڏيل ورلڊڪپ فائينل ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهرين کيڏندي مقرره 20 اوورن ۾ 139 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش طرفان عارف حسين 52 بالن تي 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. پاڪستاني ٽيم جي بابر علي 4 اوورن ۾ 24 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 140 رنسن جو هدف بنا ڪنهن نقصان جي 10.2 اوورن ۾ حاصل ڪيو. پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو ٽائيٽل پهريون ڀيرو کٽڻ تي پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين سيد سلطان شاهه پاڪستاني ٽيم ۽ پوري قوم کي ورلڊڪپ کٽڻ جون مبارڪون ڏنيون.