گڏيل قومون-23 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي،سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ۾ ايران تي آمريڪي حملي خاص طور تي عالمي ايٽمي توانائي اداري جي دائريڪار ۾ ايندڙ ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا سروس مطابق چين جي ترجمان چيو ته وچ اوڀر جي موجوده صوتحال شديد ڇڪتاڻ جي ور چڙهي ٿي سگهي ٿي ، چين کي شديد ڳڻتي آهي ته حالتون بي قابو ٿي وينديون. تڪراري ڌريون، خاص طور تي اسرائيل کي فوري طور تي جنگبندي ڪرڻ گهرجي ته جيئن صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي سگهجي. چين کي جنگ جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي شهرين جي فوت ٿيڻ تي گهڻو ڏک آهي. ڌرين کي بيگناهه شهرين جي تحفظ ۽ شهري بنيادي ڍانچي تي حملي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. چيني نمائندي چيو ته طاقت جي استعمال سان وچ اوڀر ۾ امن نٿو آڻي سگهجي ۽ ڳالهيون ئي بنيادي حل آهي. هن ان ميد جو اظهار ڪيو ته روس، چين ۽ پاڪستان طرفان سلامتي ڪائونسل ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگبندي، شهرين جي تحفظ، عالمي قانون جي پاسداري ۽ ڳالهين جي آڇ تي ٻڌل قرارداد جي ڪائونسل جي سمورن ميمبرن حمايت ڪندا ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پنهنجي ذميواريون نڀائيندا.