بيجنگ-23 جون (اي پي پي)چين ايران ۽ اسرائيل تي زور ڀريو ته هو جنگ جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ڇڪتاڻ گهٽ ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجيان ڪون پنهنجي بيان ۾ چيو ته چين تڪراري ڌُرين تي زور ڀري ٿو ته هو صورتحال کي وڌائڻ سان روڪين. جنگ جي پکيڙ کان پاسو ڪن ۽ سياسي حل جي رستي تي واپس اچن. چين چيو ته نار فارس ۽ ڀرپاسي جي پاڻين ۾ اهم عالمي واپاري رستا آهن ان ڪري عالمي برادري کي ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جهيڙي کي عالمي معيشت تي اثر انداز ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ گهرجي. چيني ترجمان چيو ته ان خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ عالمي برادريءَ جي گڏيل مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ ۽ علائقائي عدم استحڪام کي عالمي اقتصادي ترقيءَ تي وڌيڪ اثر وجهڻ کان روڪڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪن.