اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان شام جي شهر دمشق جي ڀرپاسي واري علائقي ڊويله ۾ مار الياس چرچ ۾ ٿيندڙ خودڪش بم حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي. بيان موجب پاڪستان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شام جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.