اسلام آباد-23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ سينيٽ طرفان مالي بل 2026ع ۾ تجويز ڪيل سفارشون پيش ڪيون ويون، جڏهن ته بحث ۾ حصو وٺندي ميمبرن انهن سفارشن کي جامع ۽ حل جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته کين بجيٽ جو حصو بنائڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ ۾ عاليه ڪامران سينيٽ جي سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته اسٽيشنري ۽ هوميوپيٿي دوائن تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ گهرجي، فلاحي پروگرام ۽ مالياتي گنجائش جي تجويز به سٺي آهي، ان مقصد لاءِ نادرا ذريعي ماڻهن جي ڊيٽا مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. استادن ۽ بنيادي صحت جي عملي جي تربيت ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ ڊجيٽل پليٽ فارمز جي تجويز به سٺي آهي، پگهارن ۾ واڌ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ڪرڻ جي تجويز تي عمل ٿيڻ گهرجي. سولر پينلز تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ ۽ گهٽ کان گهٽ پگهار 50 هزار ڪرڻ جي تجويز کي به تسليم ڪرڻ گهرجي. بجلي بلن ۾ 200 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي بلن ۾ گردشي قرضن جو سرچارج نه هئڻ گهرجي. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيو ته ايران تي آمريڪي حملي کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، ڊالرز ۾ تيل جي قيمت ۽ ايڪسچينج ريٽ جي باري ۾ تفصيل ٻُڌائڻ ضروري آهي، توانائي جي عالمي ايجنسي موجب 1.2 ارب بيرل جو ذخيرو موجود آهي، 10 ڪروڙ 50 لک ڏهاڙي کپت آهي، دنيا ۾ تيل جو ذخيرو 12 کان وٺي 15 ڏينهن تائين آهي. هن چيو ته آبناءِ هرمز جي بندش سان صورتحال گنڀير ٿي سگهي ٿي. عمر ايوب چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌڻ سان ڊالر جي قيمت ۾ به واڌ ٿيندي. هن چيو ته پهرين کنڊ جي روانگي واپار ڪئي وئي هاڻي وري گُهرائي پئي وڃي، ان سان کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. سولر پينلز تي ٽيڪس واپس ورتو وڃي، ماڻهن جي خريد جي قوت گهٽ ٿي آهي. اخبارن مان صحافين کي ڪڍيو پيو وڃي اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن ايف بي آر کي گرفتارين جا اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته هي قانون غلط استعمال ٿي سگهي ٿو. عمير نيازي سينيٽ سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته سينيٽ جي سفارشن ۾ اڪثر ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ ۽ سڌيءَ ريت ٽيڪسن ۾ گهٽتائيءَ تي فوڪس ڪيو ويو آهي، اسان پاڻي ذخيرن لاءِ گهٽ فنڊز رکيا آهن. ڪي فور منصوبي لاءِ گهٽ فنڊز رکيا ويا آهن. علي خان جدون چيو ته سينيٽ گهٽ ۾ گهٽ اُجرت 50 هزار ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. 12 لک تائين سالياني پگهار تي ٽيڪس ڇوٽ، پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز مناسب آهي. ٽريڪٽر ۽ زرعي مشينري تي ٽيڪس گهٽ لاڳو ڪيو وڃي. شهرام خان ترڪئي چيو ته ايف بي آر کي گرفتاريءَ جا اختيار صحيح ناهن. ٽرانسميشن لائينز لاءِ بجيٽ نه رکي وئي آهي. شاهده اختر علي چيو ته آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي چارجز جي خاتمي جي تجويز اهم آهي، ان سبب عوام کي حڪومت ڪا رليف نٿي ڏئي سگهي. ٽيڪس گوشوارا آسان بنايا وڃن. نويد قمر چيو ته فنانس ڪميٽيءَ ۾ اهي سموريون سفارشون بحث هيٺ آيون ۽ ان مان جيڪي وٺي سگهياسين ورتا ويا آهن. سينيٽ وٽ فنانس بل وڃي ٿو. هن ڪجهه اهڙيون سفارشون به ڏنيون جيڪي فنانس بل کان مٿانهون آهن. اسپيڪر چيو ته فنانس ڪميٽي تفصيل سان بجيٽ سفارشن جو جامع جائزو ورتو آهي. احمد چٺه چيو ته سمال اسڪيل مينيوفيڪچرنگ جا انگ اکر صحيح ناهن، ان جو 15 سالن کان سروي نه ٿيو آهي، ان جي سروي جي ضرورت آهي. عامر ڊوگر چيو ته آن لائن خريداريءَ تي ٽيڪس صحيح ناهي، اِي ڪامرس ۾ ڪيترائي موقعا آهن، ان شعبي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.