اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي حملا فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان – ڀارت جنگبندي ۽ سنڌ طاس معاهدي جي سختي سان پاسداري ۽ حل طلب تڪرارن جي حل لاءِ ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن 21 ۽ 22 جون تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 51هين اجلاس جي لاءِ استنبول ۾ گڏ ٿيا جنهن جو موضوع ”بدلجندڙ دنيا ۾ او آءِ سي“ هو. پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل پنهنجي گڏيل پڌرنامي ۾ اسرائيلي عدم استحڪام جي پاليسين جي شديد لفظن ۾ مذمت سان گڏوگڏ اسرائيل جي ايران، شام ۽ لبنان ۾ تازن حملن جي پڻ مذمت ڪئي ۽ ان کي انهن ملڪن جي خودمختياري ۽ سلامتي ۽ عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. او آءِ سي اسرائيل ڏوهن جي لاءِ جوابده بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ فيصلو ڪيو ته هڪ وزارتي رابطا گروپ قائم ڪيو وڃي جيڪو لاڳاپيل علائقائي ۽ عالمي ڌرين سان باقاعده رابطو قائم ڪري ته جيئن تڪرار کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت ۽ پرامن حل حاصل ڪري سگهجي. پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ايران جي خلاف اسرائيلي حملن کي روڪڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو ۽ خطي ۾ انساني، اقتصادي ۽ ماحولياتي صورتحال کي خطري ۾ وجهندڙ خطرناڪ اضافي تي سختي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ تازي فوجي ڇڪتاڻ بشمول پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيترين ِ جاين تي بنا جواز حملن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هنن وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان خطي کي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پوي. هنن چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ جنگبندي جي پابندي ڪرڻ گهرجي. هنن ٻطرفي معاهدن تي سختي سان عمل ڪرڻ بشمول سنڌ پاڻي معاهدو ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ حل طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ وسيع البنياد ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي تجديد ڪندي گيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب انهن جي خودمختياري جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جي پڻ مذمت ڪئي. او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن او آءِ سي جي لاءِ فلسطيني ڪاز جي مرڪزيت جو ذڪر ڪندي 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار، لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر والاريل بيت المقدس هجي ۽ اهو ته ٻه رياستي حل ئي سڀني جي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام تائين پهچڻ جو واحد عمل جوڳو حل آهي. هنن فلسطين مسئلي جي پرامن حل ۽ ٻه رياستي حل ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ سعودي عرب ۽ فرانس جي گڏيل صدارت ۾ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي ڪانفرنس گهرائڻ جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هنن ورڪنگ گروپس جو ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن کي ڪانفرنس ۾ فعال طور تي شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزيرن گذريل 19 مهينن کان غزه جي پٽيءَ ۾ جاري نسل ڪشيءَ جي اسرائيلي مهم سان گڏوگڏ اوڀر يروشلم سميت اولهندي ڪناري ۾ تباهي ۽ قتل عام جي منظم مهمن جي مذمت ڪئي. هنن جارحيت جي خاتمي، غزه جي پٽيءَ ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مستقل ۽ پائيدار جنگبندي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2736 تي عملدرآمد جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هنن انساني امداد جي داخلا ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ گڏيل قومن جي انساني همدرديءَ جي ادارن کي پنهنجي مينڊيت تي عمل ڪرڻ کان روڪي بک کي نسل ڪشيءَ جي طريقيڪار جي طور تي استعمال ڪرڻ جي اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪئي. هنن چيو ته اسان فلسطيني عوام جي جبري لڏپلاڻ جي سمورن طريقن کي رد ڪرڻ، ڪراسنگ ۽ سرحدن کي فوري طور تي کولڻ، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ ۽ مناسب پهچ ۽ فلسطيني شهري آبادي جي تحفظ جي فراهمي جو مطالبو ڪريون ٿا. هنن فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ وچ اوڀر ۾ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي حمايت جو اظهار ڪندي فلسطينين کي زبردستي انهن جي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ ۽ غزه ۾ زندگي جي ضرورتن کي اسرائيل پاران منظم طريقي سان نشانو بڻائڻ جي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل غزه جي نئين سر تعمير جي لاءِ عرب اسلامي منصوبي جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ القدس الشريف جي تهذيبي خصوصيتن کي تبديل ڪرڻ، ان جي عرب ۽ اسلامي ڪردار کي مسخ ڪرڻ ۽ ان جي قانوني حيثيت کي مجروح ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن ٽنهي توحيدي مذهبن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ گڏيل بقاءَ جي علامت جي طور تي مقدس شهر جي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌندڙ اسلامو فوبيا تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها قومي ۽ عالمي سطح تي انتهاپسندي، نفرت انگيز تقريرن، مذهبن جي بي حرمتي، منفي تصورن ۽ مذهب، عقيدي يا نسل جي بنياد تي ماڻهن کي بدنام ڪرڻ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي ڪنهن مذهب، نسل يا قوميت سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي ۽ ان جي ڪنهن به شڪل ۽ صورت کان قطع نظر تي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ لاڳاپن جي معمول تي اچڻ جي عمل جي آجيان ڪئي جنهن ۾ امن ۽ بين الرياستي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ٻطرفي معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جي پڄاڻي پڻ شامل آهي، آرمينيا تي زور ڏنو ويو ته هو ان معاهدي تي صحيحن جي لاءِ باقي قانوني ۽ سياسي رڪاوٽن کي ختم ڪري. تنظيم شام جي علائقائي ۽ عالمي نظام ۾ انضمام جي لاءِ شام جي عبوري حڪومت جي ڪوششن جي آجيان ڪئي ۽ استحڪام ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ شام جي سياسي ۽ مالي مدد جاري رکڻ تي زور ڏنو. هنن پنهنجي موروثي حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مسلم ترڪ قبرص جي ماڻهن جي امنگن جي حمايت ڪئي ۽ گڏ ئي اولهندي ٿريس جي ترڪ مسلم اقليت ۽ يونان ۾ ڊوڊيڪنيز جي ترڪ مسلم آبادي کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حمايت جو اظهار ڪيو. هنن ميانمار ۾ روهنگيا ۽ ٻين مسلم گروپن جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جمهوريه سرپسڪا جي پاليسين جي پڻ مذمت ڪئي جيڪي بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي خودمختياري ۽ ڊيٽن امن معاهدي کي نقصان پهچائي رهيون آهن.