اسلام آباد-23 جون (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ آئينده ڀرتيون اشتهار جاري ڪري ڪيون وينديون، 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن لاءِ هوندي. هن جي خواهش آهي ته هر پارٽي جي پارلياماني ليڊر لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ آفيس هئڻ گهرجي. پارليامينٽ لاجز ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو. ڪالهه زرتاج گل طرفان اُٿاريل نُڪتي جو جواب ڏيندي هن چيو ته رولز ۾ تبديليءَ سبب اسپيڪر وٽ ڪي به صوابديدي اختيار نه هوندا. 1300 ملازم آهن ۽ هاڻ نَون ملازمن لاءِ باقائدي اشتهار جاري ڪري ان ۾ 50 سيڪڙو عورتن لاءِ ڪوٽا رکي ويندي. هن ٻُڌايو ته فنانس ڪميٽي 3 ارب رپين جي بچت ڪئي.