اسلام آباد-23 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ڏُکين حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، سمورن ڀائيوارن جون تجويزون ۽ سفارشون بجيٽ جو حصو آهن، 12 لکن تائين آمدنيءَ تي ٽيڪس جي شرح هڪ سيڪڙو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽيڪس جي تعميل ۽ بنياد ۾ وسعت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، سولر پينلز تي ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو هوندي، ڪپهه ۽ ڌاڳي جي امپورٽ تي سيلز ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ختم ڪئي ويندي، 75 سالن کان وڌيڪ عمر وارن پينشنرز ڪنهن به قسم جي ٽيڪس کان آجا هوندا. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث کي سهيڙيندي ناڻي واري وزير چيو ته هن وزيراعظم، ڊپٽي وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي ميمبرن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن ۽ ميمبرن، اتحادي پارٽين جي ميمبرن ۽ سمورن ڀائيوارن جا ٿورائتا آهيون جن بجيٽ جي تياري، بحث ۽ ان حوالي سان تجويزن ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ سهڪار فراهم ڪيو، ان رهنمائي سبب حڪومت کي متوازن بجيٽ ڏيڻ ۾ مدد ملي. ناڻي واري وزير چيو ته ايندڙ مالي سال دوران حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ٽيڪس جي بنياد ۽ تعميل تي زور ڀريو ويو آهي، ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت ۽ تعميل لاءِ ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل کي اڳتي وڌايو پيو وڃي، پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪيو ويو آهي، تعميراتي شعبي کي رليف ڏنو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيرف کي موزون بنائڻ وڏي اهميت وارو آهي، امپورٽ ڪيل خام مال ۽ ٽيرف لائنز ۾ سهولت سان نه صرف روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر صنعتن کي هٿي ڏيڻ ۽ سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صنعتي پاليسي تيار آهي ۽ ان جو اعلان جلد ٿيندو، جڏهن ته اليڪٽرانڪ گاڏين لاءِ پاليسيءَ جو اعلان پڻ جلد ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته توانائيءَ سميت اهم شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو، سماجي ڀلائيءَ جي شعبي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 592 ارب رپين مان وڌائي 716 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. ان قدم سان تقريبن هڪ ڪروڙ ڪٽنبن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. ان سان گڏوگڏ حڪومت جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته انهن ڪٽنبن جي ماڻهن کي هنرمند بنايو وڃي ۽ انهن کي پنهنجين زندگين ۾ وڏي تبديلي آڻڻ، غربت ۾ گهٽتائي ۽ معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻايو وڃي. ان حوالي سان حڪومت بينظير هنرمند پروگرام کي گهربل وسيلا فراهم ڪندي. اهڙيءَ طرح حڪومت برٽش ايشين ٽرسٽ جي سهڪار سان پاڪستان جو پهريون اسڪلز ايمپيڪيٽ بانڊ متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي جيڪو نتيجن تي ٻَڌل مالي معاونت جو نئون مثال بڻجندو ۽ نوجوانن کي مارڪيٽ سان هم آهنگ تربيت فراهم ڪندو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ ۽ ننڍن آبادگارن جي معاونت لاءِ بنا ضمانت ۽ روڪ بنيادن تي قرض فراهم ڪرڻ جو فليگ شپ پروگرام بنايو آهي، جنهن تحت 12.5 ايڪڙ تائين جي ننڍن آبادگارن کي ڊجيٽل ذريعن مان 10 لک رپين تائين جا قرض ڏنا ويندا. ان قرض مان منظور ٿيل ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون ڊيزل جي ادائگي ڪئي ويندي ۽ آبادگارن کي فصل ۽ زندگي جي انشورنس سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي. ان کان علاوه حڪومت آبادگارن لاءِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوس رسيد جو نظام جوڙڻ وڃي رهي آهي جنهن تحت اناج کي ذخيرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، آبادگارن کي پنهنجي فصل جي بهتر اُجرت ملندي ۽ مجموعي فوڊ سيڪيورٽي ۾ استحڪام ايندو. هن چيو ته حڪومت بهتر هائوسنگ فنانس کي هٿي وٺرائڻ ۽ پهريون ڀيرو گهر خريد ڪرڻ يا تعمير ڪرڻ جي خواهشمند گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ 20 ساله مدي جي قرض اسڪيم متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي، عورتن جي مالي شموليت لاءِ عورتن لاءِ مخصوص مالياتي پروگرام تحت هڪ لک 93 هزار کان وڌيڪ عورتن کي 14 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان عورتن کي تقريبن 14 ارب رپين جا وڌيڪ قرض فراهم ڪيا ويندا. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت کي پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي بار جو چڱيءَ ريت احساس آهي، دستياب مالي گنجائش ۾ رهندي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت شروعات طور تي 32 لک رپين تائين جي آمدنيءَ جي سليبز تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني. اهڙيءَ طرح 6 کان 12 لک رپيا ساليانو آمدنيءَ تي ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 2.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز هئي جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي حڪومت ان آمدني يعني 6 کان 12 لک رپين تي ٽيڪس جي شرح وڌيڪ گهٽ ڪري صرف هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهن قدمن سان ان ڪيٽيگري ۾ شامل پگهاردار طبقي کي واڌو رليف ملندو ۽ ان جي مالي ڏُکيائين ۾ گهٽتائي ايندي. ان کان علاوه مان اهو به واضح ڪندو هلان ته بجيٽ تقرير مان اهو تاثر ورتو ويو ته پينشن تي ٽيڪس لاڳو هئڻ سبب ڪميوٽيشن ۽ گريجويٽي جي رقم تي پڻ ٽيڪس لاڳو هوندو پر ائين ناهي جيڪي ماڻهو ساليانو هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پينشن وصول ڪن ٿا صرف انهن تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان جي خاص هدايتن تي 75 سالن کان وڌيڪ عمر وارن پينشنر ڪنهن به قسم جي ٽيڪس کان آجا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سولر اوزارن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو هو جنهن کي هاڻ گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. ٽيڪس جو صرف 46 سيڪڙو امپورٽ ٿيل اوزارن تي لاڳو هوندو، جنهن سان امپورٽڊ سولر پينلز جي قيمت ۾ صرف 4.6 سيڪڙو واڌ ٿيندي. اسان کي امپورٽ سولر پينلز تي تجويز ڪيل جي ايس ٽي جي لاڳو ٿيڻ کان اڳ ڪجهه عنصرن طرفان ناجائز منافعي ۽ ذخيره اندوزي جا اطلاع مليا. ان تجويز کي عملي طور لاڳو ڪرڻ کان اڳ ئي موقعي پرست ڌُرين طرفان قيمتن ۾ پاڻمرادو واڌ ڪرڻ مذمت جوڳو آهي. جيئن ته مون سينيٽ ۾ چيو هو ته انهن ڌُرين کي سختيءَ سان تنبيهه ڪريان ٿو ته حڪومت ڪنهن کي به عوام جي استحصال جي اجازت نه ڏيندي ۽ انهن ڌُرين خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي ٽيڪس فراڊ جي حوالي سان ايف بي آر جي موجوده اختيارن ۽ فنانس بل ذريعي تجويز ڪيل تبديلين جو هڪ ڀيرو غور سان جائزو ورتو ويو، جنهن تحت ٽيڪس فراڊ جي قابل ۽ ناقابل مداخلت واري ڪيٽيگري بنائي وئي آهي. هاڻ وڌيڪ 5 ڪروڙ رپين تائين جي ڪيسن ۾ ايف بي آر بنا عدالتي وارنٽ گرفتاري نه ڪري سگهندي. ان کان علاوه گرفتاريءَ لاءِ 3 ڀيرا نوٽيسز باوجود ڄاڻي واري انڪوائري جو حصو نه بڻجڻ، فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ رڪارڊ کي ٽمپر ڪرڻ جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي. انهن شرطن باوجود گرفتاريءَ جي منظوري ڪنهن هڪ آفيسر بدران ايف بي آر جي اعليٰ سطحي 3 رڪني ڪميٽي ڏيندي ۽ گرفتار ٿيل ماڻهوءَ کي 24 ڪلاڪن ۾ اسپيشل جج جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لازم هوندو. ان کان علاوه ان ڳالهه کي پڻ يقيني بنايو ويندو ته ان عمل دوران ڪنهن شهري سان زيادتي نه ٿئي ۽ قانون ۾ ڏنل اختيارن جو ناجائز استعمال نه ٿئي. ناڻي واري وزير چيو ته قومي اسيمبليءَ جي ناڻي ۽ محصولن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وڌيڪ سفارشن کي تجويز ڪيل ترميمي فنانس بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن مان اهم سفارشن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. مالي بل ۾ ان ڀيري اِي ڪامرس تي ٽيڪس لڳائڻ جي خاص قدمن جون تجويزون ڏنيون ويون آهن. انهن قدمن جو بنيادي ڪارڻ ريٽيل بزنس ۽ اِي ڪامرس وچ ۾ ليول پلي انگ فيلڊ پيدا ڪرڻ هو جڏهن ته معاشي سرگرمين ۾ اِي ڪامرس جي اهميت کي ڏسندي اِي ڪامرس سرگرمين ۾ شامل مائڪرو ۽ سمال بزنس کي هڪ آسان نظام تي منتقل ڪيو پيو وڃي جتي ان تي ٽيڪسن ۾ واڌ جو لاڳو ڪرڻ محدود بنياد تي هوندو. انهن قدمن سان اِي ڪامرس ۾ گهر ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ننڍن ڪاروبار ڪندڙن جي سهولت ۾ واڌ ٿيندي. ناڻي واري وزير چيو ته ماضيءَ ۾ ماڻهو ظاهر ڪيل معاشي وسيلن مان وڌيڪ وڏيون وڏيون ملڪيتون خريد ڪندا هئا. تجويز فنانس بل ۾ انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 114 سي تحت اهڙن ماڻهن تي وڏين معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي تجويز هئي. وزيراعظم جي خاص هدايت تي ان نئين قانون تي عمل في الحال 5 ڪروڙ رپين جي ماليت جي رهائشي پلاٽ يا گهر، 10 ڪروڙ رپين جي ماليت تائين جي ڪمرشل پلاٽ يا جائداد ۽ 70 لک رپين جي گاڏي جي خريداريءَ تي نه هوندو. وفاقي حڪومت کي مناسب وقت تي انهن مالياتي حدن ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻ جي اختيار ڏيڻ جي تجويز آهي. انهن قدمن سان معيشت کي دستاويزي بنائڻ ۾ مدد ملندي. موجوده قانون تحت پهرين جولاءِ 24ع کان اڳ خريد ڪيل ملڪيتن تي 6 سال گذرڻ کانپوءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس لاڳو نٿو ٿئي، جڏهن ته ان ملڪيتن جي وڪري تي 4.5 کان 6 سيڪڙو تائين ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿئي ٿو. هي ٽيڪس عام طور تي ريٽرن فائل ڪرڻ تي ريفنڊ جي شڪل ۾ واپس ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ دير سبب ماڻهن کي تڪليفن جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو. وزيراعظم جي هدايت تي هي فيصلو ڪيو ويو آهي ته 15 سال يا ان کان وڌيڪ مُدي تائين ذاتي استعمال ۾ رهندڙ رهائش تي اهو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو. ان سهولت جي بيجا استعمال کي روڪڻ لاءِ هيءَ سهولت 15 سالن ۾ صرف هڪ ذاتي جاءِ جي وڪري تي ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ روانگي واپار لاءِ ڪجهه سالن کان روانگي واپار جي سهولت اسڪيم متعارف ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ ايڪسپورٽرز کي بنا ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ڏيڻ جي خام مال گُهرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. گذريل 3 سالن جي انگن اکرن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان اسڪيم تحت ڏنل رعايت سبب پاڪستان ۾ پيدا ٿيل ڪپهه، ڦٽي ۽ ڌاڳي جي قيمت ۽ گُهرايل شين جي قيمتن ۾ واضح فرق پيدا ٿيو، جنهن سبب ڦٽي جي فصل ۽ انهن جي آبادگارن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. امپورٽ ۽ ملڪي پيداوار ۾ ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ هي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪپهه ۽ ڌاڳي جي امپورٽ تي سيلز ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي. ان قدم سان ڪپهه جي پيداوار ۾ واڌ ٿيندي، اسپننگ مِلن جي بحالي ٿيندي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ بچت ٿيندي. هن چيو ته اسان فنڊ پروگرام تحت ملڪ ۾ مالياتي نظم و ضبط ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان بيان ڪيل ٽيڪس رعايتن جي نتيجي ۾ ٽيڪس وسيلن ۾ گهٽتائيءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ 3 وڌيڪ بجيٽ تجويزون ان ايوان ۾ پيش ڪيون پيون وڃن. انهن قدمن ۾ اهو خيال رکيو ويو آهي ته صنعتي ۽ ڪاروباري طبقي مٿان وڌيڪ بار نه وڌو وڃي. ڪوشش آهي ته هي نوان ٽيڪس قدم سرنديءَ وارن ماڻهن تي لاڳو ڪيا وڃن. مان هتي اهو به واضح ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايتن تي صنعتن کي نَون ٽيڪسن جي قدمن کان محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن اسان جون صنعتون عالمي مارڪيٽن ۾ چٽاڀيٽي جي قابل ٿي سگهن. ناڻي واري وزير چيو ته انڪم ٽيڪس جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين تجويز اها آهي ته ميوچل فنڊز طرف کان ڪمپنين کي جاري ڪيل ڊيويڊنڊ کان ڊيبٽ پورشن سان حاصل ٿيل آمدنيءَ تي ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو کان وڌائي 29 سيڪڙو ڪئي وڃي. واضح رهي ته انهن ڪمپنين جي ٻين آمدني جي ذريعن تي 29 سيڪڙو جي شرح اڳ ئي لاڳو آهي. ڪارپوريشنز ۽ ڪمپنين طرفان گورنمينٽ سيڪيورٽيز ۾ ڪيل سيڙپڪاريءَ تي ٿيل منافعي تي ٽيڪس جي شرح 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، مان هتي اها به ڳالهه واضح ڪندو هلان ته حڪومت جي هڪ ترجيح هيءَ به آهي ته نجي ڪاروبارن کي وڌ کان وڌ قرض ملي سگهن. هن چيو ته پوليٽري صنعت ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي ۽ ان صنعت ۾ چوزن جي هيچري جو ڪاروبار هڪ اهم حيثيت رکي ٿو پر ان کان وصول ٿيندڙ ٽيڪس نه هئڻ برابر آهي، ان ڪري ان جي درستگيءَ لاءِ تجويز ڪيو پيو وڃي ته هيچري جي هڪ ڏينهن جي چوزن تي 10 رپيا في چوزي جي حساب سان فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وڃي ته جيئن قومي آمدنيءَ ۾ ان شعبي جو به حصو شامل ٿي سگهي. ناڻي واري وزير چيو ته ايران- اسرائيل جنگ سبب اسان جي خطي جي معاشي توازن تي ناڪاري اثر پوڻ جا امڪان آهن. مان هن معزز ايوان کي خاطري ڪرايان ٿو ته حڪومت انهن سمورن معاملن تي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي معيشت تي امڪاني اثرن تي گهري نظر رکيو پئي اچي. وزيراعظم ان حوالي سان هڪ اهم ڪميٽي 14 جون تي ئي جوڙي ڇڏي هئي، جنهن ۾ مون کان علاوه لاڳاپيل وزير ۽ اعليٰ عملدار شامل آهن.