رباط-23 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال کي اسلامي دنيا جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (آءِ سي اي ايس سي او) طرفان اعليٰ ترين اعزاز لائيف ٽائيم اچيومينٽ ميڊل آف آنر سان نوازيو ويو. هي اعزاز کيس مراڪش جي گاديءَ واري هنڌ رباط ۾ رٿيل اسلامي دنيا جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي ڇهين فورم دوران آءِ سي اي ايس سي او جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ڪيو ويو. پلاننگ ڪميشن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته هي اعزاز پروفيسر احسن اقبال جي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻَڌل عوامي خدمتن، انساني وسيلن جي ترقي، اعليٰ تعليم ۾ انقلابي سڌارن ۽ سائنسي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ان جي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. پروفيسر احسن اقبال جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ۾ 2013ع کان 2025ع دوران سرڪاري تعليمي ادارن جو انگ 99 کان وڌائي 154 ٿي ويو، جڏهن ته شاگردن جي داخلا ۾ 47 سيڪڙو ۽ استادن جي انگ ۾ 39 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. هن بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ ٻين پُٺتي پيل علائقن ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جي قيام کي يقيني بنايو ته جيئن تعليم هر شهريءَ جو حق بڻجي سگهي. پروفيسر احسن اقبال جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ هڪ جامع ۽ انقلابي واڌ ڏٺي وئي. 2013ع کان 2025ع دوران سرڪاري تعليمي ادارن جو انگ 99 کان وڌي 154 ٿي ويو جيڪو 98 سيڪڙو واڌ آهي، شاگردن جي داخلا 11 لک کان وڌي 16 لک 50 هزار ٿي وئي. 47 سيڪڙو واڌ جڏهن ته استادن جو انگ 27633 کان وڌيڪ 38 هزار کان وڌي ويو آهي جيڪو 39 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هي انگ اکر تعليم، جدت ۽ رسائيءَ کي قومي ترقياتي حڪمت عملي جو مرڪز بنائڻ جي پاليسي جي عڪاسي ڪن ٿا. هن بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ ٻين پُٺتي پيل علائقن ۾ تعليمي ادارن جي قيام کي يقيني بنايو ته جيئن تعليم تائين ڪجهه ماڻهن جي رسائي نه رهي پر هر شهريءَ جو حق بڻجي توڙي جو ان جو تعلق ڪنهن به علائقي صنف يا پس منظر سان هجي، عورتن ۽ اقليتن کي به تعليمي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ ان جون ڪوششون پاڪستان جي ترقياتي اهڃاڻن کي بهتر ڪرڻ ۽ تعليم ۾ عالمي برابريءَ جي هدف سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون. 1998ع ۾ پروفيسر احسن اقبال 5 هزار مقامي پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس جي شروعات ڪئي جنهن سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تحقيق، تدريس ۽ـ نئين نسل جي تياريءَ جو بنياد پيو بعد ۾ هن پاڪستان آمريڪا ناليج ڪوريڊور جو بنياد رکيو جنهن جو مقصد آمريڪا جي بهترين يونيورسٽين ۾ 10 هزار پاڪستاني شاگردن کي پي ايڇ ڊي جي تعليم ڏيڻ آهي. آءِ ٽي ۽ سائبر ٽيڪنالاجي ۾ ان جي سيڙپڪاري اهڙا ماهر پيدا ڪيا جيڪي اڄ عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي سائبر دفاع کي مضبوط بنائي رهيا آهن. پروفيسر احسن اقبال آءِ ٽي، سائبر سيڪيورٽي، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، مينو ٽيڪنالاجي ۽ ڪوآنٽم ڪمپيوٽنگ جهڙن جديد شعبن ۾ قومي مرڪز جي قيام سان پروفيسر احسن اقبال پاڪستان کي چوٿين ۽ـ پنجين صنعتي انقلاب لاءِ تيار ڪيو، هن جون هاڻوڪيون ڪوششون ڪوآنٽم ويلي جي شروعات آهن جيڪي سليڪون ويلي کان متاثر هڪ عالمي ماحولياتي نظام آهن. ان ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ قومي وينچر ڪيپيٽل فنڊ به جاري ڪيو ويو آهي. ويزن 2010ع، ويزن 2025ع ۽ هاڻ اُڏام پاڪستان ذريعي هن هميشه تعليم، سائنس ۽ جدت کي پنهنجي منصوبا بنديءَ جو بنياد بنايو. هن مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، بگ ڊيٽا، خلايئ سائنس، سائبر سيڪيورٽي ۽ جينومڪس ۾ قومي مرڪز جي قيام جي راهه هموار ڪئي، جنهن سان تحقيق ۽ صنعت وچ ۾ رابطا مضبوط ٿيا. هاڻوڪن سالن ۾ هن نيسنل سينٽر فارنينو ٽيڪنالاجي، سينٽر ار نيو مينوفيڪچرنگ ۽ سينٽر فار ڪوآنٽم ڪمپيوٽنگ جهڙن ادارن جو بنياد رکيو جيڪي پاڪستان کي چوٿين ۽ پنجين صنعتي انقلاب ۾ باوقار مقام ڏيارڻ جو بنياد بڻجندا. آءِ سي اي ايس سي او طرفان جاري ڪيل ساراهي نوٽ ۾ کيس پاڪستان جي علم تي ٻَڌل باهمت مستقبل جو اصل معمار قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان جي ناياب بصيرت ۽ جرئتمند قيادت کي ساراهيو ويو آهي. ان موقعي تي پروفيسر احسن اقبال ان اعزاز کي پاڪستان لاءِ اعزاز قرار ڏيندي چيو ته هيءَ ڪاميابي وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن ۽ ان جي علم تي ٻَڌل پاليسين سبب آهي، تعليم ۽ سائنس ۾ سيڙپڪاري ئي ترقيءَ جو اصل رستو آهي. هي ايوارڊ پاڪستان جي عالمي سطح تي وڌندڙ تعليمي ۽ سائنسي قيادت جو ثبوت آهي ۽ ملڪ جي روشني مستقبل طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي.