اسلام آباد-23 جون (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت وزيراعظم ڊجيٽل يوٿ هب تي هن وقت تائين 26 لک کان وڌيڪ نوجوانن، رجسٽريشن ڪرائي آهي. جيڪو پليٽ فارم جي غير معمولي آگاهي ۽ وسيع صلاحيت کي اجاگر ڪري ٿو. ان قابل ذڪر ڪاميابي، ڊجيٽل مهارتن ۽ موقعن ذريعي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي هڪ عهديدار مطابق ويجهڙائي ۾ شروع ڪيل ڊجيٽل يوٿ هب جو مقصد ورهاست کي ختم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي اڄ جي ڊجيٽل منظرنامي ۾ ترقي لاءِ گهربل مهارتن سان تيار ڪرڻ آهي، 26 لک کان وڌيڪ رجسٽريشن سان اهو پليٽ فارم موقعا تلاش ڪرڻ وارن نوجوانن لاءِ هڪ منزل بڻجي ويو آهي. هن چيو ته 1000 کان وڌيڪ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪمپينن ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽريشن ڪرائي آهي. هن ٻڌايو ته پليٽ فارم جي تيز رفتار ترقي ان جي نوجوان آبادي جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جي حڪومت جي ڪوششن جو ثبوت آهي. ان قدمن سان ملڪ جي مستقبل جي ليڊرن جي جوڙجڪ ۽ اقتصادي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد آهي، سڄي ملڪ مان رجسٽريشن جاري آهي، نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ ملازمت جي بهتر امڪانن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پليٽ فارم جي وسيلن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته جهڙي طرح اهو پليٽ فارم ترقي ڪري رهيو آهي. اميد آهي ته ان سان ملڪ جي نوجوانن تي گهرو اثر پوندو، جيڪو انهن کي معيشت ۽ معاشري ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ بااختيار بڻائيندو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان مطابق موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ڊيجيٽل يوٿ هب جي ويب سائيٽ مان فائدو کڻڻ.