ماسڪو-23 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ايران تي آمريڪي حملن کي مڪمل طور تي بي بنياد ۽ بنا جواز قرار ڏنو آهي. ماسڪو ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ۾ روسي صدر چيو ته ايران تي آمريڪي حملا بنا سبب جارحيت آهي جنهن جو ڪو جواز نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي صدر چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جا قدم ناجائز ۽ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن. صدر ولاديمير پيوٽن، ايراني پرڏيهي وزير جي روس جي دؤري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو دؤرو ٻنهي ملڪن کي اهم مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ موجوده صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي سوچڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته هو روسي صدر جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته روس اڄ تاريخ ۽ عالمي قانون سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسرائيل ۾ هدفن تي حملو ڪري ايران پنهنجي خودمختاري جو جائز طريقي سان دفاع ڪري رهيو آهي.