تهران -23 جون (اي پي پي) ايران ۽ اسرائيل طرفان هڪٻئي تي فضائي حملا جاري آهن، جڏهن ته ايران آمريڪي جنگي جهازن طرفان 3 ايٽمي ٺڪاڻن تي ڪيرايل بنڪر بسٽر بمن تي جوابي ڪارروائي جو عزم ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي 13 جون تي اسرائيل طرفان شروع ڪيل بمباري کي وڏي غلطي قرار ڏنو. هن سوشل ميڊيا تي چيو ته يهودي دشمن کي هن وقت سزا ڏني پئي وڃي، گذريل ڏينهن صبح جو اسرائيل ۽ ايران ۾ فضائي حملن جا سائرن وڄايا ويا. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چين تي زور ڀريو ته هو ايران کي هرمز سمنڊ کي بند ڪرڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڪري جيڪو هڪ اهم واپاري لنگهه آهي، جنهن سان عالمي تيل جي پيداوار جو پنجون حصو گذري ٿو.