گڏيل قومون -23 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي، ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن کان پوءِ ايران طرفان جوابي ڪارروائي سان تباهي جو نئون باب شروع ٿي سگهي ٿو جيڪو خطي ۾ هڪ خطرناڪ موڙ آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان ڪيترائي ڀيرا وچ اوڀر ۾ ڪنهن به فوجي ڇڪتاڻ جي مذمت ڪئي آهي، علائقي جا ماڻهو تباهي جي هڪ ٻئي چڪر کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن پر ان جي باوجود اسان انتقامي ڪارروائي کان پوءِ وڌيڪ انتقامي ڪارروائين جي چڪر ۾ ڦاسجڻ جو خطرو کڻي رهيا آهيون. اجلاس کي ويڊيو لنڪ تي خطاب ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر رافيل گروسي به تحمل کان ڪم وٺڻ تي زور ڀريندي چيو ته وچ اوڀر جا تڪرار ڪنهن امڪاني طور وڏي سطح تي پکڙجڻ جا خدشا آهن. هن چيو ته اسان وٽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري طرف واپس اچڻ لاءِ هڪ موقعو موجود آهي، جيڪو ضايع ٿي ويو ته تشدد ۽ تباهي ناقابل تصور سطح تي پهچي سگهي ٿي ۽ ايٽمي هٿيارن جي عالمي عدم پکيڙ جو تصور ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي ۽ ان حوالي سان هاڻي تائين ڪيل ڪوششون ضايع ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي بنڪر بسٽر بمن سبب پيل کڏن کي ڏسي سگهجي ٿو. پر ان سان فردو ۾ زمين هيٺ نقصان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي. هن جو چوڻ هو ته ايٽمي ٺڪاڻن تي هٿياربند حملا ڪڏهن به ٿيڻ نه گهرجن ڇاڪاڻ ته انهن جي نتيجي ۾ خطرناڪ تابڪاري جو نيڪال ٿي سگهي ٿو جنهن جا رياست جي حدن اندر ۽ ٻاهر سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا.