اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايوان جي ماحول جي بهتري اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، بجيٽ تي تجويزن جي آجيان ڪئي وئي آهي پر جيڪڏهن اهي تجويزون بجيٽ دستاويز پڙهڻ کانپوءِ ڏنيون وڃن ته وڌيڪ موثر ٿينديون، اپوزيشن کي پورو موقعو ڏنو ويو پر اپوزيشن بجيٽ دستاويز پڙهڻ گوارا نه ٿي ڪري، سياسي مخالفت کي ذاتي اناءَ ۾ نه بدلائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير بجيٽ اجلاس دوران صورتحال کي موثر طريقي سان سنڀالڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته گذريل اسيمبلي ۾ بجيٽ جا ڪتاب ڦاڙيندي ڏٺا، معزز ميمبر زخمي ٿيا ۽ ماحول خراب ٿيندي ڏٺو پر هن ڀيري صورتحال ضابطي ۾ رهي جيڪا خوش آئنده آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ايوان ۾ سياسي برداشت ۽ ڀائيچاري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سياسي اختلاف کي رڳو اختلاف جي حد تائين رهڻ گهرجي، ان کي دشمني ۾ نه بدلائڻ گهرجي. هن چيو ته سياستدان جو ڪم ئي هٿ ملائڻ هوندو آهي. الله تعاليٰ اسان کي هتي ويهڻ جو موقعو ڏنو آهي ته اسان کي ان جي اهل هجڻ جو ثبوت به ڏيڻو آهي. وفاقي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي بطور ڪسٽوڊين آف دي هائوس ڪردار کي ساراهيو ۽ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن جي وچ ۾ مصالحت تي نثار جٽ، اقبال خان آفريدي ۽ آغا رفيع الله جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته انهن ميمبرن وڏي دل جو مظاهرو ڪندي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي وزير بجيٽ دستاويزن بابت ڳالهائيندي چيو ته بجيٽ دستاويزن تي سرڪاري وسيلا خرچ ٿين ٿا پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اڪثر ميمبر ان دستاويز کي پڙهڻ جي زحمت نه ٿا ڪن. ڪيترائي ڀيرا انهن دستاويزن تي ”بسم الله“ لکيل هوندو آهي پر اسان انهن کي جذبات ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهيون ۽ اهي اسان جي پيرن هيٺان اچن ٿا، اهو رويو افسوسناڪ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙن ميمبرن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي جيڪي سنجيدگي سان بجيٽ جي هر شق جو مطالعو ڪن ٿا. هن خاص طور تي تحريڪ انصاف جي ڪجهه نوجوان ميمبرن جو ذڪر ڪيو جن جي مطالعي ۽ تياري جي صحافي به ساراهه ڪن ٿا. هن ايوان ۾ پيش آيل تازي اڻوڻندڙ واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ناڻي واري وزير سان پيش ايندڙ واقعي کي دنيا ڏٺو، بعد ۾ معذرت به اچي وئي پر اسان کي اهو خيال رکڻ گهرجي ته اسان کي رڳو پاڪستان نه پر دنيا ڏسي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازو ئي پاڪستان کي ملندڙ فتح جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن پاڪستان کي ڪاميابي ملي ته ان جو جشن باڪو، استنبول ۽ غزه ۾ پڻ ملهايو ويو. هڪ فلسطيني ٻار پاڪستاني جهنڊو پائي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. هن چيو ته ڪجهه ميمبر هر اجلاس ۾ تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، ايوان جي ماحول کي خراب ڪرڻ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي، ان ۾ نه منهنجو نقصان آهي نه توهان جو، اهو پاڪستان جو نقصان ٿيندو.