گڏيل قومون -23 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي، ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملا مذمت جوڳا آهن، ايٽمي توانائي واري عالمي اداري (آءِ اي اي اي) جي نگراني هيٺ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪيو. هن چيو ته آمريڪا اهو حملو ڪري هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪيو، جنهن سبب سموري خطي جي آبادين جي حفاظت ۽ سلامتي کي سنگين خطرو درپيش ٿي ويو آهي، پاڪستان ان ڏکئي وقت ۾ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستاني سفير زور ڀريندي چيو ته اسلامي جمهوريه ايران خلاف 13 جون کان جاري حملن کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي سمجهندي رد ڪيون ٿا ۽ ان جي سخت مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته آءِ اي اي اي جي نگراني هيٺ ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن جي مذمت ڪيون ٿا. اهي حملا سلامتي ڪائونسل ۽ آءِ اي اي اي جي ٺهرائن سان گڏوگڏ عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙي آهن. پاڪستاني سفير چيو ته ايراني ايٽمي مسئلي جو پرامن ۽ پائيدار حل ڳولهڻ لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن مطابق ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ٺهراءَ جي مسودي جي تياري ۾ چين ۽ روس جي مدد ڪئي، ٻين شين کان علاوه اهو ٺهراءُ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو، سموريون ڌريون وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن ته جيئن شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. ايراني ايٽمي معاملي جو اهڙو سفارتي حل ڪڍيو وڃي جيڪو سمورين ڌرين لاءِ قبولڻ جوڳو هجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٺهراءَ جي مسودي کي سيڪيورٽي ڪائونسل جي حمايت حاصل هوندي. پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪائونسل جي سمورن ميمبرن سان تعميري سهڪار لاءِ تيار آهي. سفير چيو ته پاڪستان شروع کان ئي اصولي موقف اختيار ڪيو آهي، اسان اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪيون ٿا. هن جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جي چارٽر مطابق ايران کي پنهنجي دفاع جي جائز حق لاءِ يڪجهتي ۽ مڪمل حمايت جو اظهار ڪيون ٿا. ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي غيرقانوني حملن جي به مذمت ڪيون ٿا. سفير چيو ته اسان کي صورتحال کي وڌيڪ ضابطي مان نڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هاڻي کان ئي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، سفارتڪاري ئي اڳيان وڌڻ جو واحد عمل جوڳو رستو آهي ۽ اهو ئي هن اجلاس جو آفاقي پيغام آهي.