رياض -23 جون (اي پي پي) ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ سعودي عرب ۽ ٻين نار وارن ملڪن ۾ تابڪاري جا ڪي به اثر ناهن مليا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي نيوڪليئر اينڊ ريڊيولاجيڪل ريگيوليٽري ڪميشن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته آمريڪا پاران ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملي بعد مملڪت يا نار خطي ۾ ڪي به تابڪاري جا اثر ناهن مليا، ڪميشن اهو بيان ايران جي 3 اهم ايٽمي هنڌن تي آمريڪي فضائي حملن بعد جاري ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سعدوي عرب ۽ نار جو ماحول محفوظ آهي، آمريڪي حملن جي نتيجي ۾ تابڪاري جا آثار ناهن مليا، ان کان اڳ عالمي ايٽامڪ توانائي ايجنسي (آءِ اي اي) چيو هو ته ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي هوائي حملن کان پوءِ ٻاهر جي سطح تي تابڪاري ۾ ڪو اضافو ناهي ٿيو. ڪويت جي نيشنل گارڊ به چيو آهي، ته ڪويت جي فضا ۽ پاڻين ۾ تابڪاري جي سطح مستحڪم ۽ صورتحال معمول مطابق آهي، مصر جي ايٽمي ۽ ريڊيولاجيڪل ريگيوليٽري اٿارٽي گذريل ڏينهن تصديق ڪئي ته ملڪ ۾ تابڪاري جا ڪي به اثر ناهن مليا، ان کان علاوه سعودي عرب ايران جي صورتحال، خاص طور تي آمريڪا طرفان ايراني ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.