اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ايراني ائٽمي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ حملن کانپوءِ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي خدشن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن حملن کي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي قراردادن، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ علائقائي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اسرائيل جي جارحاڻي قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته اهي فوجي حملا ان وقت ڪيا جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعميري ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري هو. ڪميٽي انهن غيرذميواراڻي قدمن کي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو سبب قرار ڏنو جيڪي هڪ وسيع تر تڪرار کي هوا ڏئي سگهن ٿا ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي موقعن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. قومي سلامتي ڪميٽي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل پاڻ دفاع جي حق کي تسليم ڪندي ايران جي دفاع جي حق جي توثيق ڪئي. ڪميٽي ايران ۾ بيگناهه جانين جي زيان تي ايراني حڪومت ۽ عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي ڪميٽي 22 جون تي فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ايراني ائٽمي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ حملن کانپوءِ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي خدشن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. انهن حملن کي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي قراردادن، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي لاڳاپيل ڌرين سان ويجهي سفارتي مشاورت جي پاليسي کي ٻيهر واضح ڪيو ويو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ قدم جاري رکندو. قومي سلامتي ڪميٽي سمورين لاڳاپيل ڌرين کان مطالبو ڪيو ته اهي گڏيل قومن جي چارٽر جي روشني ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ان تڪرار جو حل ڳولين. ڪميٽي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سموريون ڌريون عالمي انساني حقن ۽ انساني همدرديءَ بابت قانونن جي مڪمل پاسداري يقيني بڻائين.