اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 24 جون تي ابوظهبي ۾ پاڪستان – يو اي اي گڏيل وزارتي ڪميشن جي 12هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل وزارتي ڪميشن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي لاءِ اعليٰ ترين اداراجاتي پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري ٿو. اجلاس ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ ترقياتي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو ويندو. نائب وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ۾ اقتصادي معاملن، واپار، توانائي، ميري ٽائيم افيئرز ۽ گهرو معاملن سميت اهم وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ سينيئر عملدار شامل هوندا. گڏيل عرب امارات پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته لاڳاپيل اماراتي ادارن جي اعليٰ سطح جي نمائندگي پڻ هوندي. اجلاس ۾ ٻطرفي تعاون جي ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ آءِ ٽي ۾ تعاون جي لاءِ نيون راهون ڳوليون وينديون. شعبه جاتي تعاون کي اداراجاتي بڻائڻ جي لاءِ اجلاس دوران ڪيترن ئي قانوني دستاويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي اميد آهي. اجلاس ٻنهي ڌرين کي پنهنجي اقتصادي ترجيحن کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ گڏيل فائديمند حصيداري جي دائره ڪار کي وڌائڻ جي امڪانن کي کولڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.