اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) قائداعظم باڊي بلڊنگ مقابلا 27 ڊسمبر کان لاھور ۾ شروع ٿيندا. پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن جي صدر شيخ فاروق اقبال ٻڌايو ته مقابلن جون تياريون زور شور سان جاري آھن. ايونٽ ۾ جونيئر ۽ سينئر ماسٽرز جا مقابلا رکيا ويا آھن. اھي مقابلا 29 ڊسمبر تائين جاري رھندا ۽ مقابلن جي پڄاڻي تي ڪاميابي ماڻيندڙ رانديگرن ۾ انعام ورھايا ويندا.