اسلام آباد-29 نومبر(اي پي پي) ورلڊ بلائنڊ ڪرڪيٽ لمٽيڊ جو 26هون ساليانو اجلاس 2 ڊسمبر تي ٿيندو جنهن جي صدارت بلائنڊ ڪرڪيٽ لميٽيڊ جو صدر سيد سلطان شاهه ڪندو. اجلاس ۾ ڀارت وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان جي ميزباني ۾ ملتان ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ نيپال ، بنگلاديش، سريلنڪا، ڏکڻ آفريقا، افغانستان ۽ آسٽريليا جا عهديدار شرڪت ڪندا جڏهن ته ڀارت اجلاس ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ بلائنڊ ڪرڪيٽ جي معاملن ، مستقبل جي منصوبن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.اجلاس دوران چونڊون پڻ ٿينديون جن ۾ ايندڙ ٻن سالن لاءِ صدر سيمت ٻين عهديدارن جي چونڊ ڪئي ويندي.