ملتان-29 نومبر (اي پي پي)52 هين قومي ايٿليٽڪس چيمپئن شپ 2024ع جا مقابلا ملتان ۾ شروع ٿي ويا آهن. ايوب اسٽيڊيم ۾ چيمپئن شپ جي شاندار افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. پيرس اولپمڪس جو گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم افتتاحي تقريب جو خاص مهمان هو. پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي سهڪار سان 4 ڏينهن واري چيمپئن شپ وارن مقابلن ۾ مجموعي طور تي 45 ايونٽس ٿيندا جن ۾ 24 مردن ۽ 21 عورتن جا ايونٽس هوندا، چيمپئن شپ ۾ اسلام آباد، پنجاب، سنڌ، ڪي پي، بلوچستان، اي جي ڪي، گلگت بلتستان، پاڪستان آرمي، نيوي، ايئر فورس، پوليس، واپڊا ۽ ايڇ اي سي جا 800 مرد ۽ عورت رانديگرن ۽ 100 کان وڌيڪ آفيشلز حصو وٺي رهيا آهن، 2 ڊسمبر تائين ملتان جي مختلف ميدانن ۾ جاري چيمپئن شپ ۾ لانگ جمپ، شارٽ جمپ، جيولين ٿرو، 800 ميٽر ريس ۽ مختلف مقابلن جو اهتمام ڪيو ويندو.