لنڊن- 22 نومبر (اي پي پي) انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ نومبر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ليسٽر سٽي ۽ چيلسي جي ٽيمن وچ ۾ ليسٽر ۾ کيڏي ويندي، ٻين ميچ بورن مائوٿ ۽ برائٽن اينڊهووالبيون جي ٽيمن وچ ۾ بورن مائوٿ ۾ کيڏي ويندي، ٽين ميچ ۾ آرسنل ۽ ناٽنگم فارسٽ جي ٽيمن وچ ۾ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ آسٽن والا ۽ ڪرسٽل پيلس جي ٽيمن وچ ۾ برمنگهم ۾ کيڏي ويندي، پنجين ميچ ۾ ايورٽن ۽ برينٽ فورڊ جون ٽيمون ليور پول ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ڇهين ميچ فلهم ۽ وولور هيمپٽن جي ٽيمن وچ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته ستين ۽ آخري ميچ ۾ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي ۽ ٽونٽم هاٽ پور جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي. انگلش پريميئر فٽ بال جي 33 هين سيزن جي شروعات ٿي چڪي آهي.