ڪينبرا- 22 نومبر (اي پي پي) آسٽيرليا ڪرڪيٽ جي انتظام هيٺ مينز بگ بيش ليگ جو 14 هون ايڊيشن 15 ڊسمبر کان آسٽريليا ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامنٽ ۾ 8 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪنديون. برسبين هيٽ جي ٽيم ليگ ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندي. انهن ۾ ايڊيليڊ سٽرائيڪرز، دفاعي چيمپئين برسبين هيٽ، هوبارٽ هريڪينز، ميلبورن رينيگيڊز، ميلبورن اسٽارز، پرٿ سڪارچرز، سڊني سڪسرز ۽ سڊني ٿنڊر شامل آهن. ٽورنامنٽ ڊبل رائونڊ روبن ۽ پلي آف سسٽم تي رکيو پيو وڃي. ٽورنامنٽ ۾ فائنل سميت ڪل 44 ميچون کيڏيون وينديون. ٽورنامنٽ ۾ برسبين هيٽ جي ٽيم پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي. ٽورنامنٽ جو فائنل ميچ 27 جنوري 2025ع تي کيڏيو ويندو.