پرٿ- 21 نومبر (ا ي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ بارڊر- گواسڪر ٽرافي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 22 نومبر جمعي کان 26 نومبر تائين پرٿ ۾ کيڏي ويندي. ڀارت جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي آسٽريليا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف پنج عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 22 تي شروع ٿيندڙ پهرين ميچ کان ٿيندي، اها ميچ 22 کان 26 نومبر تائين پرٿ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.