انٽيگا- 21 نومبر (ا ي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22 نومبر جمعي کان سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم نارٿ سائونڊ انٽيگا ۾ شروع ٿيندي. بنگلاديش جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٻن عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان علاوه ٽي ون ڊي ۽ 3 ٽي-20 ميچن جي سيريز پڻ کيڏندي. بنگلاديشي ٽيم جي قيادت مهدي حسن مرزا جڏهن ته ويسٽ انڊيز ٽيم کي مشهور بيٽسمين ڪريگ براٿويٽ ليڊ ڪندو. ٻنهن ٽيمن وچ ۾ ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 30 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين سبينا پارڪ ڪنگسٽن جميڪا ۾ کيڏي ويندي.