روم-14 نومبر (اي پي پي ) جرمني جو ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ٽو اليگزينڊر زويروف ۽ اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ٿري ڪارلوس الڪاراز پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي فائنلز جي گروپ مرحلي ۾ پنهنجون ميچون کٽي ورتيون . 27 سالن جي جرمن اسٽار عالمي نمبر ٽو اليگزينڊر زويروف اي ٽي پي فائنلز ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ ناروي جي مخالف رانديگر ڪيسپررڊ کي شڪست ڏني جڏهن ته اسپين جي 21 سالن جي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز بهترين راند پيش ڪندي روس جي ٽينس رانديگر آندري روبلوف کي هارائي اي ٽي پي فائنلز ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي . اي ٽي پي فائنلز گروپ ميچز اٽلي جي شهر ٽورن جي انالپي ايرينا ۾ جاري آهن . اي ٽي پي فائنلز جي گروپ مرحلي ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ 27 سالن جي جرمن ٽينس اسٽار اليگزينڊر زويروف بهترين راند پيش ڪندي ناروي جي مخالف رانديگر ڪيسپررڊ کي ٽائي بريڪ تي اسٽريٽ سيٽس ۾ 7-6 ( 7-3 ) ۽ 6-3 تان هارائي اي ٽي پي فائنلز لڳاتار ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي .هڪ ٻي ميچ ۾ اسپين جي 21 سالن جي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي روس جي مخالف ٽينس رانديگر آندري روبلوف کي اسٽريٽ سيٽس ۾ ٽائي بريڪ تي 6-3 ۽ 7-6 (10-8) تان هارائي اي ٽي پي فائنلز ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي.