سينٽ لوشيا-14 نومبر (اي پي پي ) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – ٽوئنٽي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ميچ اڄ جمعي ڏينهن 15 نومبر تي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم گروس آئيليٽ ، سينٽ لوشيا ۾ کيڏي ويندي، انگلينڊ جي ٽيم کي ميزبان ويسٽ انڊيز خلاف 5 ميچن جي سيريز ۾2-0 جي سرسري حاصل آهي. انگلينڊ پهرين ٽي -ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي08 وڪيٽن جڏهن ته ٻي ٽي- ٽوئنٽي ميچ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽي ون ڊي ميچن جي سيريز ميزبان ويسٽ انڊين ٽيم 2-1 تان پنهنجي نالي ڪئي هئي.