اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿي ويو. ڇنڇر تي سينيٽ اجلاس ۾ ناڻي بابت اسٽيندنگ ڪميٽي بجيٽ 26-2025ع تي پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بحث سهيڙيو، بعد ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ايوان جي ڪارروائي اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي .