اسلام آباد-21 جون (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خيبر پختونخواه جا ضم ٿيل ضلعا ٽيڪس کان آجا آهن . بلوچستان جا مسئلا پهرين ترجيح آهن. سينيٽ اجلاس دوران وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته فاٽا ۽ پاٽا جا ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل ضلعا انڪم ٽيڪس کان آجا آهن . بلوچستان جا مسئلا اولين ترجيح آهن . حڪومت ڪوئٽه ڪراچي چمن شاهراه لاءِ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي . 5 دانش اسڪول بلوچستان ۾ قائم ڪيا ويا آهن .