اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) سينيٽ ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي فنانس بل لاءِ سفارشن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ مان 204 سفارشون قومي اسيمبلي کي موڪليون ويون. سينيٽ سفارش ڪئي ته 6 لک روپين تائين جي سالياني آمدني تي ڪو به ٽيڪس نه هجڻ گهرجي. سولر پينلز تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي واپس وٺڻ گهرجي، ڊيلي ويجز ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ۽ وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، قومي ادارن جي نجڪاري فوري طور روڪڻ گهرجي. زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ننڍن آبادگارن کي مناسب سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ناڪافي آهي، پگهارن ۾ 50 سيڪڙو تائين واڌ ٿيڻ گهرجي. ڪنسٽرڪشن ڪنٽريڪٽرز کي ود هولڊنگ ايجنٽس شمار نه ڪيو وڃي، اسٽيل جي شعبي کي ٽيرف سڌارن جي اسڪيم کان آجو قرار ڏنو وڃي، جوس انڊسٽري تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 15 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿيڻ گهرجي، هوميوپيٿڪ دوائن تي سيلز ٽيڪس 18 بدران هڪ سيڪڙو هجڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار بدران 50 هزار هجڻ گهرجي. 850 سي سي ۽ ان کان ننڍين گاڏين تي تجويز ڪيل ٽيڪس 18 سيڪڙو بدران 10 سيڪڙو لاڳو ڪيو وڃي. خاص ورڪرز کي ماهوار ڪنوينس الائونس 6 هزار بدران 10 هزار هجڻ گهرجي، جي ايس ٽي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ايڪسائيز ٽيڪس جهڙن سڌي ريت ٽيڪسن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪري اڻ سڌي وارن ٽيڪسن طرف وڃڻ گهرجي. مقامي ۽ عالمي جاب مارڪيٽ جي ضرورت موجب سڄي ملڪ ۾ فني ۽ پيشيوراڻي تربيت جا پروگرام شروع ڪيا وڃن، 50 لک کان وڌيڪ آمدني تي ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ گهرجي. 200 يونٽن تائين بجلي جي بلن تي سرڪلر ڊيٽ سرچارج لاڳو نه ڪيو وڃي. ڪارپوريشنز، ريئل اسٽيٽ ۽ وڏن زميندارن سميت اشرافيه کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ کي ختم ڪيو وڃي. حڪومت آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي پيمنٽس کي ملتوي ڪري ۽ ان ۾ گهٽتائي لاءِ ڳالهيون ڪيون وڃن. اٽي، دالين ۽ دوائن جهڙين ضروري شين تي جي ايس ٽي ختم ٿيڻ گهرجي. ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ وڏن زميندارن، ريئل اسٽيٽ، ڊوليپرز ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي بروڪرز تي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 7 بدران 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. بلوچستان ۾ جديد اسپتالن جي تعمير لاءِ خاص گرانٽس جي منظوري ڏيڻ گهرجي. اي او بي آءِ جي پينشن 11500 کان وڌائي 23 هزار روپيا ماهوار ڪئي وڃي. رولز موجب استعمال ٿيل ۽ پراڻين گاڏين جي امپورٽ تي سهولت ڏيڻ گهرجي. مقامي طور تي تيار ٿيل درآمدي ٽريڪٽرز جي سيلز ٽيڪس جي شرح پنج سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي وڃي ته جيئن آبادگار آساني سان ٽريڪٽرز خريد ڪري سگهن. پگهارن ۾ بنيادي ڇوٽ 6 لک روپين کان وڌائي 12 لک تائين هجڻ گهرجي، انڪم ٽيڪس 12 لک کان مٿي آمدني وارن کان وصول ڪرڻ گهرجي. غير متوقع خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڊويزن جي ادارن لاءِ فنڊ 4 هزار 870 ملين تائين بحال ڪرڻ گهرجي. پي ڊبليو ڊي جي اسڪيمن ۽ ٻين ٽن صوبن وانگر سنڌ حڪومت کي به منتقل ٿيڻ گهرجن. سرڪاري ملازمن جا سمورا ايڊهاڪ الائونسز بنيادي پگهار ۾ ضم ٿيڻ گهرجن. ڊيمن جي تعمير لاءِ رکيل فنڊن ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي ته جيئن انهن کي وقت سر مڪمل ڪري سگهجي. ڪلائميٽ ايڊپشن لاءِ ترقياتي فنڊن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿيڻ گهرجي. ريئل اسٽيٽ ٽرانزيڪشن تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس بحال ڪرڻ گهرجي. ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا سفارشن تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو ۽ اهي سفارشون فنانس بل جو حصو بڻائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليون ويون. سينيٽ جي ميمبرن جون تجويز ڪيل ترقياتي اسڪيمون به 26-2025ع جي پي ايس ڊي پي جو حصو بڻايون وڃن.