جميڪا-11 نومبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي ٽونٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ 15 نومبر تي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، گروس آئيليٽ، سينٽ لوشيا ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم کي ميزبان ويسٽ انڊيز خلاف پنج ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي. ان کان اڳ پهرين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽيم کي 8 وڪيٽن جڏهن ته ٻين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.