سنچورين-11 نومبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چار ٽي ٽونٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ 13 نومبر تي سپر اسپورٽس پارڪ سنچورين ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ ڊي نائٽ ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي. ڀارت پهرين ميچ ۾ ميزبان پروٽيز ٽيم کي 61 رنسن تان هارايو هو، ٻين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ڀارت کي ٽن وڪيٽن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي هئي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آفريقا جي دوري تي آهي جتي هن ميزبان پروٽيز ٽيم خلاف چار بين الاقوامي ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي. ڀارتي ٽيم جي قيادت سوريا ڪمار ياديو ڪري رهيو آهي. سيريز جو ٽيون ٽي ٽونٽي ميچ 13 نومبر تي سپر اسپورٽس پارڪ، سنچورين ۾ کيڏيو ويندو، چوٿين ۽ آخري ٽي ٽونٽي ميچ 15 نومبر تي وانڊررز اسٽيڊيم، جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي.