جيميڪا – 01 نومبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ڇنڇر 2 نومبر تي سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم،انٽيگا ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ويسٽ انڊيز کي مهمان ٽيم خلاف سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ڪاري آنڌي پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. انگلينڊ جي ٽيم اڄ ڪلهه ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي ۽ اها پنهنجي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻئين ميچ ڇنڇر تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 6 نومبر تي ڪينسنگٽن اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي.