نئين دهلي-01 نومبر (اي پي پي ) ڀارت ڪرڪيٽ اينڊ ڪنٽرول بورڊ (بي سي سي آئي) جي پڌرائي مطابق ڀارت جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني ڏکڻ آفريقا جو دؤرو ڪندي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڏکڻ آفريقا جي دؤري دوران ميزبان ٽيم خلاف 4 عالمي ٽي-20 ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي سوريا ڪمار ياديو ڪندو. جيڪا 3 نومبر تي ڏکڻ آفريقا لاءِ رواني ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 4 ٽي-20 ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 8 نومبر کان پهرين ميچ سان ٿيندي، اها ميچ ڪنگسميڊ ڊربن ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽي-20 ميچ 10 نومبر تي سينٽ جارج پارڪ ۾ کيڏي ويندي. ٽئين ٽي-20 ميچ 13 نومبر تي سپر اسپورٽس پارڪ سنچورين ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ٽي-20 ميچ 15 نومبر تي وانڊررز اسٽيڊيم جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقا خلاف چئن ٽي-20 ميچن جي سيريز لاءِ اعلانيل 15 رڪني ڀارتي ٽيم جي قيادت سوريا ڪمار ياديو ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ اڀيشڪ شرما، سنجو سيمسن (وڪٽ ڪيپر)، رنڪو سنگهه، تلڪ ورما، جتيش شرما (وڪيٽ ڪيپر) هاردڪ پانڊيا، اڪسر پٽيل، رمنديپ سنگهه، ورون چڪرورتي، روي بشنوئي، ارشديپ سنگهه، وجي ڪمار ويشا، اويش خان ۽ يش ديال شامل آهن.