اسلام آباد -29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان وائيٽ بال ٽيم جي نئين ڪپتان محمد رضوان ۽ نائب ڪپتان سلمان علي آغا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين ڪپتان محمد رضوان ۽ نائب ڪپتان سلمان علي آغا کي آسٽريليا ۽ زمبابوي سيريز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ هو ته وائيٽ بال ٽيم جي قيادت هڪ اعزاز آهي. آسٽريليا ۽ زمبابوي سيريز ۾ قوم کي اوهان جي قيادت ۾ ٽيم مان سٺي ڪارڪردگي جي اميد آهي. پاڪستاني ٽيم جا رانديگر باصلاحيت ۽ پروفيشنلز آهن. اميد آهي ته اوهان جي قيادت ۾ ٽيم آسٽريليا ۽ زمبابوي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي، متحد ٿي کيڏڻ ۽ آخري بال تائين وڙهڻ ڪاميابي جي ضمانت آهي. ٽيم جيڪڏهن ٽيم بڻجي پرفارم ڪندي ته ڪو به اوهان کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. ڪپتان محمد رضوان ۽ نائب ڪپتان سلمان علي آغا ڀرپور اعتماد ڪرڻ تي پي سي بي چيئرمين جو ٿورو مڃيو. ڪپتان محمد رضوان چيو ته آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهيون. قوم جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. پي سي بي جو چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير به ان موقعي تي موجود هو. ڪپتان محمد رضوان ۽ نائب ڪپتان سلمان علي آغا اڄ ٻين رانديگرن سان گڏ آسٽريليا روانا ٿيندا.