ممبئي – 29 آڪٽوبر(اي پي پي) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ پهرين کان 5 نومبر تائين وانکنڊي اسٽيڊيم ممبئي ۾ کيڏي ويندي. مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ميزبان ڀارتي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 16 کان 20 آڪٽوبر تائين ايم چنا سوامي اسٽيڊيم، بنگلورو ۾ کيڏي ويندي ٽن ميچن جي سيريز جي شروعاتي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت جي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته 24 آڪٽوبر کان 28 آڪٽوبر تائين مهاراشٽر ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن اسٽيڊيم، پونا ۾ کيڏي ويل ٻين ٽيسٽ ميچ م ميزبان ڀارتي ٽيم کي 113 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي.